Freedom Fighter - Hemu Kalani

Hemu Kalani belongs to that rare band of revolutionaries and martyrs whose

indomitable spirits brook no resistance, for whom tortures of imprisonment have

no meaning and death holds no terror. Hemu Kalani was so happy in his readiness to

 make the supreme sacrifice for the liberation of his motherland, that he gained weight

 during the last days which is most unusual for a prisoner condemned to die. While marching

to the gallows, he consoled his distressed mother by reminding her of her earlier teachings of

gita regarding the indestructibility of soul. So strong was his patriotic zeal that he pledged his

 next life also to the cause of India's Freedom.

Hemu Kalani was born at Sukkur in Sind (now in Pakistan), on 23rd March, 1923.

He was the son of late Shri Pesumal Kalani and Smt. Jethi Bai. He was brave and patriotic

 right from his childhood.Even at the age of 7, he used to lead the bous of his locality with the

 tri-colour in his hands along with his friends, he used to plead for boycotting all foreign goods and used

 to plead for boycotting all foreign goods and used to take an active part in persuading people to

use Swadeshi goods. He was soon drawn to revolutionary activates and started participating in

 acts of terrorism for the sake of driving away the British. He was always leading in raids and in

burning of vehicles belonging to the oppressors.

In 1942, When Mahatma Gandhi gave the call 'Quit India' and the slogan 'Do or Die',

Hemu Kalani also joined the mass movement. There was such active participation from the

people of Sind Province in this movement that the British rulers had to send special troops

consisting of European batallions. When Hemu Kalani came to know that these troops and the

 ammunition would be arriving in sind by a railway train passing through his town, he decided to

detail the train by removing the fishplates from the railway track. He and his friends were severely

handicapped in not having any tools for loosening the nuts and bolts and for removing the fishplates.

Time was also against them. Hemu, however, did not give up. HE inspired his friends to loosen the nuts

and bolts with the help of indigenous ropes and they started on this job. However, before they could

complete it, they were seen by the British troops and Hemu, in his Effort to save his friends, was caught.

 He was imprisoned and tortured to give out the names of his friends but he stubbornly refused to

divulge any information. He was tried under the then prevailing miracle law and sentenced to deth.

People of Sind petitioned for mercy to the to the viceroy but the death sentence was upheld,

un bless Hemu turned an approver and gave information regarding his fellow resolutionaires.

 There was no question of Hemu's accepting these conditions and he welcomed the impending

death most cheerfully. This young freedom fighter and revolutionary was hung on 21stst Jan. 1943.

Hemu's is an example of unflinching courage and devotion to his motherland. He participated in Mahatma

Gandhi's movements and at the same time, took recourse to terrorist activities also to drive away

the foreigners who were keeping India captive. The names of patriots like Hemu Kalani would always

 be remembered fondly while studying the history of India's Freedom Struggle.

(The above text is based on material published elsewhere and/or supplied by the sponsors).

Indian Posts and Telegraphs Department is privileged to issue a commemorative stamp in the

 memory of this great martyr.


سرمد سنڌيءَ جي ياد ۾

    ڊسمبر جو مهينو شايد وڇري ويلن جي سار جو مهينو آهي. هن مهيني ۾ سنڌ کان سندس مُهان ڪوي شيخ اياز وڇريو ته ٻئي طرف وري مُهان راڳي سرمد سنڌيءَ سنڌ کي جدائي جا درد ڏئي هن جھان مان هليو ويو. شيخ اياز جنهن شعر کي آسمان جي چوٽين تي پهچايو، تنهن ئي شعر کي وري سرمد سنڌيءَ ٻيجل وانگر سُرن ۾ ڳاتو.

    حيات علي مغل جو هيءُ پٽ عبدالرحمان مغل جيڪو بعد ۾ سڄي سنڌ جي ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻيو، 7 مئي 1958 ۾ پريالوءِ ۾ جنم ورتائين. کيس ننڍي لاڪون چنگ وڄائڻ جو شوق رهيو. 38 ورهين جي جوانيءَ واري ڄمار ۾ سنڌ کان جدا ٿيندڙ هِن فنڪار جي ياد اڄ به هزارين اکڙين ۾ آلاڻ جيان زندهه آهي. سرمد چوي ٿو ته

نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي ــــ سُڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي
                                                                مون کي نه وساريو هوندئي . .  .
                                                                مون کي نه وساريو هوندئي . . .

    فنڪار ته هر دؤر ۾ هوندا آهن، مگر تمام گھٽ فنڪار دلين تي راج ڪندا آهن. سرمد به انهن ئي فنڪارن مان هڪ هو. انقلابيءَ فنڪار! جنهن سنڌ جي ماروئڙن سان اُن وقت به ساٿ نڀائڻ جا گيت ڳاتا هئا، جنهن وقت آمريت جو راج هو. جڏهن وڏا وڏا رهنما به انقلاب جو نانءُ وٺڻ کان ڪيٻائيندا هئا، اُن ئي دور ۾ هڪ نوجوان سنڌ جي اُفق مان سج جيان روشن ٿيو ۽ سندس آلاپ هو ته

عظمتن جي منزلن جون ڪُر نشون نٿيون وڻن،
خوشامندون نٿيون وڻن، شابسون نٿيون وڻن
وڻي ٿو ماءِ سنڌ جو آب تاب زنده باد
انقلاب زنده باد ـــ انقلاب زنده باد

    جڏهن اِهي آلاپ سنڌ جي ڌرتيءَ مان گجگوڙ جيان گونجيا، تڏهن هر انسان حيران رهجي ويو، ته هي ڪير آ، جيڪو ظلمت جي انڌيري رات ۾ هڪ روشن انقلاب جو نعرو هڻي رهيو آهي. ستت ئي دنيا کي معلوم ٿي ويو ته اڄ وري سنڌ ڌرتيءَ هڪ نئين ٻيجل کي جنم ڏنو آ، مگر اِهو ٻيجل ڪنهن جو سِر وڍڻ نه پر ڌرتيءَ جي ماروئڙن سان ساٿ نڀائڻ آيو آهي. تڏهن ئي ته چيو هُئائين:

ڪات منهنجي ڪنڌ تي، آءُ کلندو اچان،
جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، آءُ چوندو اچان. . .!

    سرمد سنڌي سنڌ جي قومپرست جلسن ۽ جلوسن ۾ جڏهن قومي گيت ڳائيندو هو، ته سڄي ميڙ ۾ خاموشي مچي ويندي هئي. ائين لڳندو هو ته ڄڻ اڄ سنڌ سرمد جي روپ ۾ اچي پنهنجو آلاپ، پنهنجو درد پنهنجن مارُن سان ونڍي رهي آهي، ۽ اُنهن کي آزاديءَ جو ولولو بخشي رهي آهي.

ڀؤنر نه ٿيو بلبل نه ٿيو اي جيجل جا نوجوانو،
سنڌ شمع تي اچو پچڻ لاءِ سنڌيت جا پروانو،
جي ٿا ڊڄو ته جيئي سنڌ جو لفظ لبن تي آيو ڇو
                                                                پيار ڪري پڇتايو ڇو ٿا . . . . ؟

    اڄ سرمد سنڌيءَ جي ڏهين ورسيءَ آهي. شايد پريالوءَ جي قبرستان ۾ ڪنهن سندس قبر تي ڪي گل رکيا هجن، ۽ سندس قبر تي لڳل ڪتبو به پڙهيو هجي. جنهن تي لکيل آهي.

ياالله                            يا محمد
جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين،
گھڻن کي اسان به رُئاري وينداسين.

    ٺٽي ضلعي ۾ ديوان شگر مل ڀرسان جڏهن حادثي کان پوءِ سندس رت ڌرتيءَ تي ڪِريو، اُهو عالم ڪيترو نه درد ناڪ هوندو. سنڌ جو سدا بهار، کلندڙ راڳي ههڙي جوانيءَ واري عمر ۾ سنڌ واسين کان وڇڙي ويندو، تنهن جو اندازو ڪنهن کي به نه هو. وفات جي صرف ٽن ڏينهن کان پوءِ سندس پُٽ عزيز الرحمان هِن جھان ۾ اکيون کوليون، تڏهن سندس پوئيوارن جي ڏک جو اندازو ڪير ٿو لڳائي سگھي. سرمد جي آواز ۾ چيو هوندائون ته

دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ـــــــ ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿئي ٿيئي

سرمد سنڌيءَ اڄ اسان وٽ ناهي، پر سندس گيت دل ۾ سندس موجودگيءَ کي زندهه رکندا اچن. سرمد کي به سنڌ جي شهيدن ۾ ڳڻي سگھجي ٿو. هُو پنهنجن پوئيرن کي آٿت ڏيندي چوي ٿو

لاش منهنجو ڏسي ڇو ٿي روئين امان!
مان ته جيئرو آهيان، ڏِس شهيدن جيان

Today, there have been 2 visitors (5 hits) on this page!
=> Do you also want a homepage for free? Then click here! <=