پَلي آس ٿر مان نه آ ٿَوهرن،
ڀٽائي ڏسين ٿو وڄون ٿيون وَرَن
پون ٿا نوان ڳنڍَ ڳنڊير ۾،
ڀٽن تي وري ڪَر کنيا ڪونڀٽن.
جھُلن ٿا پيا جيءَ جا جھولڻا،
ڇُلن ٿا، مٿاهان ڇمر ٿا ڇُلن!
ٻَنا ٻوڙ وسنديون ٻَڪر ٻَوس تي،
گھڻي گھڻي وقت کان ٿيون گھٽائون گُڙن.
سَوين کيت تنهنجا، سوين مارويون،
نه زيريون نه زنجير جن کي جھلن!
ڀڳائون ڪَڙا ڪوڙ جي ڪوٽ جا،
پليا ڪونه پيرن مٿان پيڪڙن!
ٻه ٽي ڏينهن واهيت ڪندا هي وزير،
نه چؤڳان رهندا، نه چاري مٿن.
سَوين سَڏ، تن جا پڙاڏا هزارا،
اُڀي کان لَمي گيت ٿا گونججن.
سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪَري جي اُڀا،
لکين عيد جا چَنڊَ اُڀري پَون!
نه جھانگي جھڄن ڪنهن به جھوريءَ هتي،
نه سانگي ڪنهين کي نه سُنگي ڏِيَن!
کَٿيريون مَٿيريون ڇپر کٽَ تي،
ڏئي حال احوال، ڦاٽا سِبن!
سدا مامتا جي رکين لاج تون،
سدا چڻنگ ٻارين وساڻل چُلهن!
نه مارنگ تن جا اُجھاميل ڏسان،
نه آونگ تن جا اڀوڳا لڳن!
ڳڀي لاءِ ڳولا کُٽي ديس جي،
نه لولا لُڇائن، نه لوليون لُڇن!
نه پورهيت ٻَڌن پيٽ کي هئن پٽيون،
نه هاري ڪڏهن رَتُ سان ريجُ ڪَنِ!
جڏهن رات ٿئي، ننڊ جي گود ۾،
سڄو وقت مارو سَتابا سُمهن!
ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
ڪڏهن موڙ تنهن جا نه مُرجھائجن!
وَسي ڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا،
ڀَلي ديسَ پرديسَ سارا وَسن!
اسان سنڌ وارن ازل کان ”اياز“،
ڪنهين لاءِ مندي سمائي نه مَن.
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــ
|
اڄوڪي اديب تي وقت جي ذميداري!!
هر ادب جي لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته انجون جڙون ڌرتيءَ ۾ کُتل هجن جنهن ادب جو معيار ڌرتي ۽ ان جي حُسن کان هٽي ڪو ٻيو هوندو آهي اهو ادب پنهنجي بقا کي قائم رکي نه سگھندو آهي. سنڌي ادب پڻ تاريخ جي هر دور ۾ سنڌ جي هن مقدس ڌرتيءَ ۾ پنهنجون پاڙون ڄمايون آهن. وقت جي بادشاهن جون مداحون ڳائڻ جي بجاءِ سنڌ جي ادب ۾ قلم هميشه ڌرتيءَ جي خاطر هليو آهي. شاه، سچل ۽ ساميءَ کان وٺي اڳين دور جا ڪافي اڻ ڳڻيا شاعر ۽ قلم نويس اسان کي ڌرتي سان عشق جي راهه ۾ هلندي نظر ايندا.
ڪنهن به قوم جي زندهه هئڻ جي علامت ان جو ادب هوندو آهي. اديب پنهنجي قوم جا سجاڳ فرد هوندا آهن ۽ انهن تي پنهنجي دور جون ڳريون ذميداريون هونديون آهن. پنهنجي قوم جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي صورتحال تي لکڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ هن جو فرض هوندو آهي. سنڌ جي ادبي ميدان ڪڏهن به پنهنجي انهي فرض جي ادائيگي کان چشم پوشي اختيار نه ڪئي آهي. جڏهن به سنڌي قوم جي بقا کي ڪو خطرو محسوس ٿيو آهي ته اديبن هميشه پاڻ ملهايو آهي.
موجوده دور ۾ سنڌ سان عشق جي اها واٽ وٺندڙ شيخ اياز هو. جنهن جي
نائين ورسيءَ جي حوالي سان وائيس آف سنڌ جو هي ”شيخ اياز ايڊيشن“ ڏنو پيو وڃي. مقصد صرف اياز جي ادبي خدمتن کي ڀيٽا ڏيئڻ ۽ ان جي فڪر کي عام ڪرڻ آهي. اياز جيڪو سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي ۽ ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين هو فڪري حوالي سان سنڌ ۾ زندهه رکيو ويندو. جڏهن به سنڌ ڌرتي ڪنهن خطري هيٺ آئي آهي ته اُن اهڙا مانجھي مرد ضرور پيدا ڪيا جنن ڌرتيءَ جي خاطر پنهنجو سڀ ڪجھه لٽائي ۽ قربان ڪري ڇڏيو. اياز جي شاعري جو زمانو اهو هيو جڏهن هن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ڪيو ويو ۽ پوءِ مذهبي بنيادن تي رت جا دريا وهائي هن ننڍي کنڊ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي، انتهاپسندي ۽ نفرتن جي بنياد رکي پئي ويئي. سنڌ ۾ رت جي دريائن سان گڏ جدائي جا المين ڀريا داستان به پيدا ڪيا ويا. سنڌ جنن جي جنم ڀومي هئي ۽ جيڪي سنڌ جي ممتا ۾ يقين رکندا هئا انهن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هجرت جي فلسفي جي آڙ ۾ ڌاريا آڻي ڪوڙن ڪليمن ذريعي انهن کي سنڌ جي شهرن جون ملڪيتون ۽ واڳون ڏنيون ويون. ”مهاجر“ قوميت جي نالي سان گڏ ڪري اصل رهواسين جي مقابلي ۾ انهن جي اندر احساس برتريءَ پيدا ڪيو ويو. حالانڪه ننڍي کنڊ جي پوري تاريخ ۾ اڳ ڪٿي به ڪڏهن به ”مهاجر“ قوميت جو وجود نٿو ملي. جڏهن ته اصل ديس ڌڻين جي لاءِ ڏهه هزار کان مٿي پراپرٽي خريد ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي ويئي. پوءِ سگھوئي سنڌ جي وجود کي ون يونٽ جي ڪاري قانون تحت ثقافتي ۽ تهذيبي ليڪن کي لتاڙي ڪُٺو ويو هو. پوءِ سنڌ جي صوبائي ۽ الڳ حيثيت مڃائڻ ۽ بحال ڪرائڻ خاطر سنڌ ۾ تحريڪون هليون، سنڌ پنهنجا ڪونڌر پٽ ڪهايا ۽ سنڌ جي اديبن اها سنڌ جي آجپي جي جنگ سنڌ جي ادبي مورچي تان وڙهي، قوم ۾ نئون ولولو ۽ جذبو پيدا ڪيو هو. سنڌ جي شعوري سجاڳي جي ان دور جي واڳ سنڌ جي اديبن جي هٿ ۾ هئي ۽ سنڌ پنهنجي بقا جي جنگ بي انتها قربانين ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد بعد کٽي ورتي هئي ۽ ون يونٽ کي ختم ڪيو ويو. پر وري به سنڌ کي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ کان روڪيو ويو. سنڌ جي سجاڳي کي شخصي سحر ۽ نعرن سان هائيجيڪ ڪيو ويو. سنڌ جي قومي ٻڌي ۽ ايڪي واري ان ماحول کي ختم ڪيو ويو. سنڌ جي ٻهڙارين ۾ ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪري انهن تائين هٿيار پهچايا ويا ته جئين سنڌ جا ماڻهو خوف ۾ رهن. شهرن ۾ رٿابندي سان آباد ڪيل ٻاهران آيلن کي سنڌ جي قديم رهواسين خلاف ڀڙڪايو ويو. سنڌ جي سگھه تحريڪ جي روح روان نوجوان نسل کي منشيات جي دلدل ڏانهن ڌڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن کي هوا ڏني ويئي ته جئين سنڌ جا ماڻهو پنهنجي جند ۾ ڦاٿل رهن ۽ انهن جي اصل مسئلن کان سندن توجه ڦيري وڃي ۽ پوءِ اهي سڀ ڪامياب ٿي ويا ۽ اڄ تائين سنڌ خوني لباس پائيندي رهي آهي، سنڌ جا رهواسي قبيلائي غيرت جي ڪري هڪ ٻئي جي خون جا پياسي بڻيل ۽ قومي ايڪي کان ڪوهين دور بيٺل آهن. وري سنڌ ۾ اهڙي قومي ايڪي ۽ ٻڌي واري فضا قائم نه ٿي سگھي، اختلاف ۽ تضاد سنڌي قوم کي ورهائيندا رهيا.
سنڌ مان وڏيرن ۽ منظور نظر ماڻهن کي نوازي پنهنجن مقصدن خاطر استعمال ڪيو ويو. انهن سنڌ بجاءِ اقتدار کي فوقيت ڏني ۽ اهڙي روش جي اختيار ڪرڻ کان اڳ سنڌ سان محبت جي پنهنجي خانداني ڪردار ۽ روايت ڏانهن ڏسڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪئي. اهڙي طرح سنڌ پنهنجن جا بخشيل گھائو سهندي پيئي اچي! ۽ شيخ اياز سنڌ کي ڏنل اهڙن گھاوَن خلاف سنڌ جي وجود مان اڀري آيل صدا هئي. جنهن سنڌ سان روا رکيل جبر ۽ ستم خلاف پنهنجو قلم هلايو.
اڄ سنڌ جي صورتحال ۾ وقت جي ضرورت ڇا آهي؟ ڇا اها وقت جي ضرورت ناهي ته اسين سڀ متحد ٿي پنهنجي مفلسي جي ڪهاڻين ۽ غلامي جي هنيل زنجير جا پيرا کڻي انهي کي ڪاٽي ڦٽو ڪريون. اڄ جڏهن سنڌوءَ جو تارو تار وهندڙ وجود اسان کان کسي اسان وٽ سڪل پيٽ سنڌو ڇڏيو ويو آهي جيڪو اسان جي بي حسي تي ماتم ڪده آهي. اسان وقت جي آواز تي ڪن ڇو نه پيا ڌريون؟
|