SINDH
 

”ساهيوال جيل جي ڊائري“ مان ورتل ورق:

23 ڊسمبر :
          
  اڄ مون
سادي ڪاغذ تي پنهنجا تاثرات /ڪوئي نثري نظم لکيو آهي ـــــــ
    اسان پاڻ کي ٻي کان بهتر نه ٿا سمجھون؛
    اسان رڳو چئون ٿا ته اسان وٽ ڪارونجھر آهي جنهن جي چوڌاري ڪَڻ ڪَڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ڦهليل آهن؛
    اسان وٽ ڪينجھر آهي جنهن تي آڙين جا پر اُڏامندي ونجھه هڻندا ويندا آهن؛
    اسان کي تاريخ آهي
    ۽ ان ۾ دودي ۽ دريا خان جون دليون ڌڙڪي رهيون آهن؛
    اسان اهو نه ٿا چئون ته اسان ٻي ڪنهن کان بهتر آهيون؛
    رڳو اسان مختلف آهيون؛
        جڏهن اسان سگھارا هياسين ۽ ڪشمور کان ڪشمير تائين اسان جي حڪومت هئي، اسان ڪنهن کي هيسايو نه هيو؛ توڙي تاريخ ۾ اسان جي رتوڇاڻ جي باري ۾ لکيل آهي، ڪنهن غير قوم جي تاريخ دان به اهو نه لکيو آهي ته اسان ڪنهن بي گناهه جو رت وهايو آهي؛
    جي اسان ڪنهن کي غلام بڻايو آهي ته ائين ڪري سگهيا آهيون پنهنجي وحدت الوجود جي فلسفي سان ۽ پنهنجي فن سان جنهن ۾ جنڊيءَ ۽ اجرڪ جھڙي جاذبيت رهي آهي؛
    اسان جون وايون جڏهن نڙ تي ڳائبيون آهن تڏهن ائين لڳندو آهي ته چڪور چنڊ ڏانهن اُڏري رهيا آهن؛
    اسان جون ڳجھارتون، اسان جا ڳيچ، اسان جا لوڪ گيت، اسان جون لوڪ ڪهاڻيون اسان جي ميراث آهن، ميراث جا اسان ڪنهن سان به ورهائڻ لاءِ تيار آهيون؛
    ڇا اهڙا ڪي پير آهن جي اسان جي ’هو جمالي‘ تي نچڻ کان نابري وارن؟
    هڪ چڱائيءَ جي عيوض اسان ويهه چڱايون ڪندا آهيون؛
    پر ائين نه سمجھه ته اسان هيڻا آهيون، اسان کي هر ڏکيءَ آزمائش ۾ کير ٿر جي ڇاتي هوندي آهي،
        ۽ اسان اُجھايل مچ ۾ وري وري دونهان دکائي سگھندا آهيون.
        اسان پاڻ کي ڪنهن به قوم کان بهتر نه ٿا سمجھون ــــــــ
    ها، اسان پنهنجي ديس، پنهنجي ڌرتيءَ جي باري ۾ نهايت جذباتي آهيون:
    پر اسان ڪنهن به ٻي ديس، ٻي ڌرتيءَ سان نفرت نه ٿا ڪيون.
    اسان کي اجائيءَ آزمائش ۾ وجھڻ وارا! اسان پنهنجو پاڻ ٿيڻ چاهيون ٿا،
    تون اُن جي آڏو نه آءُ ڇوته اسان جو توسان جھيڙو نه آهي.
    مٿين نثري نظم ۾ ٻه سٽون رهجي ويون آهن جي هاڻي نوٽ بُڪ ۾ لکان ٿو:
        ’ها، اهو سمجھي ڇڏ،
        ’اسان جي هٿ ۾ جو مانيءَ جو گرهه آهي،
        اُهو توکي کسڻ نه ڏينداسين.‘


مشعل ڇڏي ٿو مــان وڃـــان،
وَر وَر اُهـــــائـــــي ٻــــــارجـــــو،
ٻــــيــڙي ڇــــڏي جــــا ٻـــــار ۾،
ســـا تـــوڙ تـــائـــيــن تـــارجــو.

مون آس جنهن جي نانَو مـان،
يــــارو! پــــلــي نـــاهــي اڃـــــا،
ســــــو آھـــــه مسـتقبل پــــري،
پـــــــر ســــاھ ســـان آهــــي اڃا.

پر جــي مَــران مـان پـنــڌ ۾،
(ڪــيـــئـــي اويــرا ٿــا وڃـن)
تيڏانــهــن وڌجــــــو سـاٿــيــو!
جـــيــــڏانهـــن پــيــرا ٿـا وڃــن.

ٿو مان اڃان تـــائـــيــن وڌان،
آزادگــــــيءَ جــــي راھـــــــه ۾،
پر جي موت ليءَ ٿـــو اچـــي،
اڄ زنـــدگـــيءَ جــي راھــه ۾.

ڌرتـــي، جـتـي مــان پـورجان،
تنهن تـي نـمـن جـي ڇانو ۾،
آزادگــــيءَ  جــــا  پــيــئــجــــو،
ڪجھ جام منهنجي نانءُ ۾!

 _________________________________________

 

منهنجا سڄڻو! اهو ”جيئي سنڌ“ فقط جذباتي نعرو نه آهي، جنهن سان ڪوڙ جا قلعا لُڏي وڃن ٿا ۽ انهن جي ڪنگرن ۾ ڪنبڻي اچي وڃي ٿي. ان نعري جي پس منظر ۾ ثقافت ۽ قوميت جو اهو تخيل آهي، جو سنڌ جي تقدير بدلائي سگھندو آهي. ۽ جو انهيءَ جڙتو ثقافت جي جڙ تي ڪهاڙيءَ جو وڍ آهي، جا اوهان تي مڙهي ويئي آهي. قوميت نه فقط ٻوليءَ جو ڳانڍاپو آهي، نه فقط ڌرتيءَ *۽ روٽيءَ جو ڳانڍاپو آهي، قوميت اِهي سڀيئي ڳاڍاپا هوندي به انهن کان ڪجھه وڌيڪ آهي. ڳنڍير جي ڳنڍين ۾ جيستائين ماروئڙن جو من ٻڌل نه آهي، تيستائين قوميت جو تخيل مڪمل نه آهي. قوم، زبان جو اشتراڪ، زمين جو اشتراڪ ۽ معاش جو اشتراڪ به آهي، ۽ انهيءَ اشتراڪ ۾ انسانن جي نفسياتي ساخت جي يڪسوئي به آهي. اِها نفسياتي ساخت، زمان ۽ مڪان جي لڳاتار سلسلي مان جڙندي آهي ۽ ان تي اثر انداز به ٿيندي آهي. اها من ــ ورتي قوم جي سڀاوَ جي جڙ هوندي آهي ۽ ان جي ثقافت ۾ ڦلندي ڦولندي آهي. ان کي ڪائي شڪل صورت نه آهي پر قومي ثقافت مان ان جو هڳاءُ دور تان پڌرو هوندو آهي. ڇپر جو پتو ڇاٽ مان پوندو آهي؛ جي ڀٽائيءَ ۽ سچل جو وجود نه هجي ها، ته هيءَ پُسيءَ ۽ پيرونءَ جي ڌرتي، قوم پيدا نه ڪري سگھي ها. قوميت ڏٿ نه آهي، ڏيٿيئڙو به آهي ۽ اِها مارئي جي پڪار به آهي، جنهن صحرا جي ستر کي معنى بخشي آهي. فقط رياست قوم ٺاهي نه سگھندي آهي، نه ڪوئي سطحي سرڪاري انتظام ان جي اڏاوت ڪري سگھندو آهي. قوم فقط انساني گروهه بندي نه آهي ۽ نه وري قوميت هجوم جي تعداد ۽ اُن ۾ عارضي طور اتحاد تي مشتمل هوندي آهي. ڪاش! مان اوهان کي ٻڌائي سگھان ته اڄ کان ويهه سال پوءِ، مون کي سنڌ ڪيئن نظر اچي رهي آهي. ممڪن آهي ته اُن وقت مان نه هجان، پر منهنجي شاعري اوهان جي ضمير ۾ شامل هوندي. في الحال، اوهان لاءِ، جي منهنجي هر نئين ادبي علامت تي هِري ويا آهيو، اهو ڪافي آهي ته اسان جي قوميت اُها مارئيءَ جي پُڪار آهي، جنهن صحرا جي ستر کي معنى بخشي آهي، ۽ اها پُڪار اسان جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آهي، ۽ ان پُڪار ۾ جنهن گرم لهو جي لرزش آهي، اُهو لهو اُنهيءَ ڏَٿ جي ڏات آهي، جو اسان کي ملير جي مٽيءَ ڏنو آهي. اها مارئيءَ جي پُڪار، اها ٻولي، اهو ڏٿ ۽ اها ملير جي مٽي اوهان وٽ امانت آهي. اوهان کي ماءُ ٿڃ نه بخشيندي، جي اوهان انهيءَ علامت جي هر حالت ۾ حفاظت نه ڪندؤ.
                                                                     
(خط، انٽرويو ۽ تقريرون ــــ ڀاڱو پهريون)
 

پَلي آس ٿر مان نه آ ٿَوهرن،
ڀٽائي ڏسين ٿو وڄون ٿيون وَرَن

پون ٿا نوان ڳنڍَ ڳنڊير ۾،
ڀٽن تي وري ڪَر کنيا ڪونڀٽن.

جھُلن ٿا پيا جيءَ جا جھولڻا،
ڇُلن ٿا، مٿاهان ڇمر ٿا ڇُلن!

ٻَنا ٻوڙ وسنديون ٻَڪر ٻَوس تي،
گھڻي گھڻي وقت کان ٿيون گھٽائون گُڙن.

سَوين کيت تنهنجا، سوين مارويون،
نه زيريون نه زنجير جن کي جھلن!

ڀڳائون ڪَڙا ڪوڙ جي ڪوٽ جا،
پليا ڪونه پيرن مٿان پيڪڙن!

ٻه ٽي ڏينهن واهيت ڪندا هي وزير،
نه چؤڳان رهندا، نه چاري مٿن.

سَوين سَڏ، تن جا پڙاڏا هزارا،
اُڀي کان لَمي گيت ٿا گونججن.

سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪَري جي اُڀا،
لکين عيد جا چَنڊَ اُڀري پَون!

نه جھانگي جھڄن ڪنهن به جھوريءَ هتي،
نه سانگي ڪنهين کي نه سُنگي ڏِيَن!

کَٿيريون مَٿيريون ڇپر کٽَ تي،
ڏئي حال احوال، ڦاٽا سِبن!

سدا مامتا جي رکين لاج تون،
سدا چڻنگ ٻارين وساڻل چُلهن!

نه مارنگ تن جا اُجھاميل ڏسان،
نه آونگ تن جا اڀوڳا لڳن!

ڳڀي لاءِ ڳولا کُٽي ديس جي،
نه لولا لُڇائن، نه لوليون لُڇن!

نه پورهيت ٻَڌن پيٽ کي هئن پٽيون،
نه هاري ڪڏهن رَتُ سان ريجُ ڪَنِ!

جڏهن رات ٿئي، ننڊ جي گود ۾،
سڄو وقت مارو سَتابا سُمهن!

ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
ڪڏهن موڙ تنهن جا نه مُرجھائجن!

وَسي ڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا،
ڀَلي ديسَ پرديسَ سارا وَسن!

اسان سنڌ وارن ازل کان ”اياز“،
ڪنهين لاءِ مندي سمائي نه مَن.
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ ـــــــــــــــ
 

اڄوڪي اديب تي وقت جي ذميداري!!

 
 

ايڊيٽوريل

 

      هر ادب جي لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته انجون جڙون ڌرتيءَ ۾ کُتل هجن جنهن ادب جو معيار ڌرتي ۽ ان جي حُسن کان هٽي ڪو ٻيو هوندو آهي اهو ادب پنهنجي بقا کي قائم رکي نه سگھندو آهي. سنڌي ادب پڻ تاريخ جي هر دور ۾ سنڌ جي هن مقدس ڌرتيءَ ۾ پنهنجون پاڙون ڄمايون آهن. وقت جي بادشاهن جون مداحون ڳائڻ جي بجاءِ سنڌ جي ادب ۾ قلم هميشه ڌرتيءَ جي خاطر هليو آهي. شاه، سچل ۽ ساميءَ کان وٺي اڳين دور جا ڪافي اڻ ڳڻيا شاعر ۽ قلم نويس اسان کي ڌرتي سان عشق جي راهه ۾ هلندي نظر ايندا.

    ڪنهن به قوم جي زندهه هئڻ جي علامت ان جو ادب هوندو آهي. اديب پنهنجي قوم جا سجاڳ فرد هوندا آهن ۽ انهن تي پنهنجي دور جون ڳريون ذميداريون هونديون آهن. پنهنجي قوم جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي صورتحال تي لکڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ هن جو فرض هوندو آهي. سنڌ جي ادبي ميدان ڪڏهن به پنهنجي انهي فرض جي ادائيگي کان چشم پوشي اختيار نه ڪئي آهي. جڏهن به سنڌي قوم جي بقا کي ڪو خطرو محسوس ٿيو آهي ته اديبن هميشه پاڻ ملهايو آهي. 

    موجوده دور ۾ سنڌ سان عشق جي اها واٽ وٺندڙ شيخ اياز هو. جنهن جي

 نائين ورسيءَ جي حوالي سان وائيس آف سنڌ جو هي ”شيخ اياز ايڊيشن“ ڏنو پيو وڃي. مقصد صرف اياز جي ادبي خدمتن کي ڀيٽا ڏيئڻ ۽ ان جي فڪر کي عام ڪرڻ آهي. اياز جيڪو سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي ۽ ايندڙ ڪيترين ئي صدين تائين هو فڪري حوالي سان سنڌ ۾ زندهه رکيو ويندو. جڏهن به سنڌ ڌرتي ڪنهن خطري هيٺ آئي آهي ته اُن اهڙا مانجھي مرد ضرور پيدا ڪيا جنن ڌرتيءَ جي خاطر پنهنجو سڀ ڪجھه لٽائي ۽ قربان ڪري ڇڏيو. اياز جي شاعري جو زمانو اهو هيو جڏهن هن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ڪيو ويو ۽ پوءِ مذهبي بنيادن تي رت جا دريا وهائي هن ننڍي کنڊ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي، انتهاپسندي ۽ نفرتن جي بنياد رکي پئي ويئي. سنڌ ۾ رت جي دريائن سان گڏ جدائي جا المين ڀريا داستان به پيدا ڪيا ويا. سنڌ جنن جي جنم ڀومي هئي ۽ جيڪي سنڌ جي ممتا ۾ يقين رکندا هئا انهن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هجرت جي فلسفي جي آڙ ۾ ڌاريا آڻي ڪوڙن ڪليمن ذريعي انهن کي سنڌ جي شهرن جون ملڪيتون ۽ واڳون ڏنيون ويون. ”مهاجر“ قوميت جي نالي سان  گڏ ڪري اصل رهواسين جي مقابلي ۾ انهن جي اندر احساس برتريءَ پيدا ڪيو ويو.  حالانڪه ننڍي کنڊ جي پوري تاريخ ۾ اڳ ڪٿي به ڪڏهن به ”مهاجر“ قوميت جو وجود نٿو ملي.  جڏهن ته اصل ديس ڌڻين جي لاءِ ڏهه هزار کان مٿي پراپرٽي خريد ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي ويئي. پوءِ سگھوئي سنڌ جي وجود کي ون يونٽ جي ڪاري قانون تحت ثقافتي ۽ تهذيبي ليڪن کي لتاڙي ڪُٺو ويو هو. پوءِ سنڌ جي صوبائي ۽ الڳ حيثيت مڃائڻ ۽ بحال ڪرائڻ خاطر سنڌ ۾ تحريڪون هليون، سنڌ پنهنجا ڪونڌر پٽ ڪهايا ۽ سنڌ جي اديبن اها سنڌ جي آجپي جي جنگ سنڌ جي ادبي مورچي تان وڙهي، قوم ۾ نئون ولولو ۽ جذبو پيدا ڪيو هو. سنڌ جي شعوري سجاڳي جي ان دور جي واڳ سنڌ جي اديبن جي هٿ ۾ هئي ۽ سنڌ پنهنجي بقا جي جنگ بي انتها قربانين ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد بعد کٽي ورتي هئي ۽ ون يونٽ کي ختم ڪيو ويو. پر وري به سنڌ کي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ کان روڪيو ويو. سنڌ جي سجاڳي کي شخصي سحر ۽ نعرن سان هائيجيڪ ڪيو ويو. سنڌ جي قومي ٻڌي ۽ ايڪي واري ان ماحول کي ختم ڪيو ويو. سنڌ جي ٻهڙارين ۾ ڌاڙيل ڪلچر پيدا ڪري انهن تائين هٿيار پهچايا ويا ته جئين سنڌ جا ماڻهو خوف ۾ رهن. شهرن ۾ رٿابندي سان آباد ڪيل ٻاهران آيلن کي سنڌ جي قديم رهواسين خلاف ڀڙڪايو ويو. سنڌ جي سگھه تحريڪ جي روح روان نوجوان نسل کي منشيات جي دلدل ڏانهن ڌڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن کي هوا ڏني ويئي ته جئين سنڌ جا ماڻهو پنهنجي جند ۾ ڦاٿل رهن ۽ انهن جي اصل مسئلن کان سندن توجه ڦيري وڃي ۽ پوءِ اهي سڀ ڪامياب ٿي ويا ۽ اڄ تائين سنڌ خوني لباس پائيندي رهي آهي، سنڌ جا رهواسي قبيلائي غيرت جي ڪري هڪ ٻئي جي خون جا پياسي بڻيل ۽ قومي ايڪي کان ڪوهين دور بيٺل آهن. وري سنڌ  ۾ اهڙي قومي ايڪي ۽ ٻڌي واري فضا قائم نه ٿي سگھي، اختلاف ۽ تضاد سنڌي قوم کي ورهائيندا رهيا.

        سنڌ مان وڏيرن ۽ منظور نظر ماڻهن کي نوازي پنهنجن مقصدن خاطر استعمال ڪيو ويو. انهن سنڌ بجاءِ اقتدار کي فوقيت ڏني ۽ اهڙي روش جي اختيار ڪرڻ کان اڳ سنڌ سان محبت جي پنهنجي خانداني ڪردار ۽ روايت ڏانهن ڏسڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪئي. اهڙي طرح سنڌ پنهنجن جا بخشيل گھائو سهندي پيئي اچي! ۽ شيخ اياز سنڌ کي ڏنل اهڙن گھاوَن خلاف سنڌ جي وجود مان اڀري آيل صدا هئي. جنهن سنڌ سان روا رکيل جبر ۽ ستم خلاف پنهنجو قلم هلايو.

            اڄ سنڌ جي صورتحال ۾ وقت جي ضرورت ڇا آهي؟ ڇا اها وقت جي ضرورت ناهي ته اسين سڀ متحد ٿي پنهنجي مفلسي جي ڪهاڻين ۽ غلامي جي هنيل زنجير جا پيرا کڻي انهي کي ڪاٽي ڦٽو ڪريون. اڄ جڏهن سنڌوءَ جو تارو تار وهندڙ وجود اسان کان کسي اسان وٽ سڪل پيٽ سنڌو ڇڏيو ويو آهي جيڪو اسان جي بي حسي تي ماتم ڪده آهي. اسان وقت جي آواز تي ڪن ڇو نه پيا ڌريون؟ 

 
Today, there have been 14 visitors (28 hits) on this page!
=> Do you also want a homepage for free? Then click here! <=