SINDH
 

  اُترڙو ٿو لڳي

 

 

اڄ وري سنگيت کان هڪ سدا بهار سر وڇڙي ويو آهي،
                   ساز
سڏڪي پيا آهن،
                   لوڪ گيت نوحا اوساري ٿڪجي پيا
آهن،  
                   سهرا
۽ ڳيچ ماتم ڪري رهيا آهن،
                   ڪافيون ڪيڏارو بڻجي پيون آهن،
                   ۽
..... هجر جا گهوڙي سوار جيجي زرينه کي الائي ته ڪيڏانهن وٺيو پيا وڃن.
                   اف
خدايا!....

          سنڌي لوڪ گيتن جي مهاراڻيءَ پنهنجي ايام ڪاريءَ جا پويان ڏينهن لياقت نيشنل اسپتال ۾ گذاريا هئا. سڀني پئي چيو ته ”سڄڻ سفر سنڀرڻ وارا آهن“ اجھو ڪي اجهو! لاتعداد هٿ دعائن ۾ مصروف ۽ ڪيترائي قلم ڪار الوداعي نوحن لکڻ جا منتظر هئا. پر هو وڃڻا ها، سو نيٺ ويا، ڪنهن جهل پل ساڻ نه جهلڻا هئا ۽ کين نصير مرزا جا شاندار ۽ شاهڪار ڪلمات به ترسائي نه سگهيا. ڀلا وڃڻ وارن کي به ڪوئي روڪي سگهيو آهي؟!!

          جيجي زرينه پنهنجي جيون جا پويان پساه آڪسيجن تي کڻي رهي هئي، ملڪ الموت سندس گهڙيون، پل ۽ لمحا ڳڻي، آڪسيجن جي نلي نڪرڻ جي انتظار ۾ هو ته ڪاتبِ تقدير وري سندس ساروڻين کي سميٽڻ ۾ مصروف ٿي ويو هو. اها آڪٽوبر 2005 جي 25 تاريخ ۽ پرهه ويل هئي، جو درياءَ جي دُنگيءَ جو ”پتڻ“ پورو ٿيو، اونهي ۾ اوهري وڃڻ جو سفر شروع ٿي چڪو هو ۽ وڻجارن وڃڻ جون وايون ڪيون هيون. اوچتو ئي اوچتو رڻ گجيو راڙو ٿيو هو ۽ شاه لطيف جو بيت هوائن ۾ گونجڻ لڳو:

جتي جيتريون، لکيون لوح قلم ۾،
تتي تيتريون،
گهڙيون گهارڻ آئيون.

          .... ۽ پس منظر ۾ ڄڻ جيجيءَ جو گيت پئي هليو، الوداع او الوداع او الوداع!

          هي جهان مانجهاندي جو ماڳ آهي، هتي جو به آيو آهي، تنهن کي ”اڳي يا پوءِ لالڻ لوءِ“ ضرور وڃڻو آهي. سو جيجي به جيون جوڳ ڏيئي ماڳ ڏي موٽي ويئي، پنهنجي پويان انيڪ يادون ڇڏي.

          پياري نصير مرزا سان گڏجي جيجيءَ جي تڏي تي ويس ته ايئن لڳو ڄڻ ماڻهن جو سمونڊ اٿلي، سوڳوار سٿ ۾ شامل ٿي ويو آهي. ڀانت ڀانت جا ماڻهو جن ۾ سياستدان، شاعر، اديب، فنڪار، صحافي، ميڊيا وارا، الائي ته ڪٿان ڪٿان ڪهي جيجيءَ کي خراج پيش ڪرڻ آيا هئا ۽ اهو سندس وڏي مان ۽ منصب جو ثبوت هو. جيجيءَ جي پٿر تي سوڳوار ساٿين ۾ ويهي، آس پاس جو جائزو وٺندي، سندس ساروڻين کي اجهو هيئن ياد ڪيو هوم.

          ماضي جا ورق ورائيندي ياد آيو ته 1962ع ۾ هڪ جواڻ جماڻ فنڪاره ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موسيقي جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ آئي هئي ۽ شاه لطيف جي ڪافي ”ڇو ٿيون ڏيو مونکي متيون متيون“ ڳائي ٽيون نمبر انعام حاصل ڪري، ريڊيو جي ريگيولر فنڪارن جي صف ۾ شامل ٿي وئي هئي. اها غير معروف فنڪاره زرينه بلوچ هئي، جيڪا بعد ۾ جيجي زرينه بڻجي وئي. زرينه کي راڳ سان دلي لڳاءُ هو، هن ان لاءِ سخت محنت ڪئي، استاد جمن کان سُرُ لڳائڻ سکيو ته وڏا ڪشالا ڪري سنڌ جي ڳوٺن، واهڻن، وستين مان لوڪ گيت تلاش ڪري اڇا اجرا بنائي طرزن ۽ لفظن ۾ سڌارو آڻي، وراڻيون وجهي نه رڳو ٻڌڻ سڻڻ جهڙو ڪيو پر لوڪ گيتن جي مزاج، سادگي، شائستگي، معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهي ڳايو ۽ خوب ڳايو، ته لوڪ گيت به سندس سڃاڻپ بنجي ويا ۽ اهو به ثابت ٿي ويو ته لوڪ گيتن جهڙي سادي سودي صنف کي بي تڪي شاعري، بي معنيٰ لفظن ۽ بي ترتيب گائڪي جي رحم ڪرم تي ڇڏي نه ٿو سگهجي.

          جيجي زرينه جي ڳائڻ جهڙو ڳڻ اهو به آهي جو هن لوڪ گيتن کي اهو لهجو ڏنو، جنهن علائقي جا اهي گيت هئا. مثال طور: ”جبل مٿي جهڙ“واري ڪوهستاني گيت کي ڪوهستاني لهجو، لاڙ ۽ دريا پڇاڙ واري گيت ”اترڙو ٿو لڳي“ کي لاڙ ۽ دريا پڇاڙ واري لاڙي مهاڻن وارو لهجو ته نج سماٽڪن ڳيچن ۽ سهرن کي، وچولي سنڌ واري ٻوليءَ جو لهجو عطا ڪيو. سو اهي هيرن موتين جهڙا ڳيچ، لونگن ڦوٽن، پستن بادامن جهڙا سرها سهرا به سنڌي ثقافت جي سونهن ۽ سينگار بنجي ويا. نه صرف اهو پرسنڌ جي رنگ ۾ رتل قومي گيتن کي نعري بازي کان بچائي،

 
Today, there have been 12 visitors (21 hits) on this page!
=> Do you also want a homepage for free? Then click here! <=